ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪسٽمز 10 ارب رپيا ماليت جون ڀارتي پابندي پيل دوائون پڪڙي ورتيون ۽ ان حوالي سان ڪجهه گرفتاريون به ڪيون آهن.
ڪليڪٽر ڪسٽم انفورسمينٽ معين الدين واني ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ڪسٽمز ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي ڪارروائي ڪندي پهريون ڀيرو 10 ارب رپيا ماليت جون ڀارتي پابندي پيل دوائون پڪڙيون آهن، ان سڄي معاملي ۾ ٻه کان ٽي مقامي فارماسوٽيڪل ڪمپينون به ملوث آهن.
هن چيو ته اهم ڪارروائي ڪورنگي ۾ گودام تي ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪجهه گرفتاريون به شامل آهن، اها ملڪي تاريخ ۾ دوائن جي سمگلنگ خلاف سڀ کان وڏي ڪارروائي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڄاڻايل دوائن کي پين ڪلر طور استعمال ڪيو ويندو آهي، ان ۾ آفيم جو مقدار موجود هوندو آهي، ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهي ڪنٽرولڊ ميڊيسن ڊڪليئرڊ آهن، پاڪستان حڪومت به انهن کي ڪنٽرولڊ ميڊيسن ڊڪليئر ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.
You might also like