”اتحادي حڪومت سان گڏ هلڻ مجبوري آهي“ صدر زرداري وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اتحادي حڪومت سان گڏ هلڻ سندن مجبوري آهي.
پيپلز پارٽي پنجاب جي پارلياماني وفد ۽ تنظيمي اڳواڻن گورنر هائوس لاهور ۾ صدر سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گورنر پنجاب سردار سليم حيدر، پارلياماني ليڊر سيد علي حيدر گيلاني، اڳوڻو گورنر مخدوم احمد محمود، ايم پي اي ممتاز علي چانگ، مڪ واصف مظهر ران، ڄام رئيس نبيل ۽ ٻيا شامل هئا.
ذريعن موجب، پارٽي اڳواڻن آصف زرداري جي آڏو شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، جن ۾ انتظامي معاملن ۾ نظرانداز ٿيڻ ۽ ترقياتي فنڊن جي ورڇ بابت خدشا شامل هئا، جڏهن ته اڳواڻن پنھنجي تڪن جي مسئلن بابت پڻ آگاهه ڪيو.
صدر آصف زرداري خاطري ڪرائيندي چيو ته پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جي مسئلن بابت وزيراعظم سان ڳالهائيندو.
هن اڳواڻن کي ايندڙ بجيٽ اچڻ تائين مسئلن جي حل جو انتظار ڪرڻ جو مشورو ڏنو.
هن اعتراف ڪيو ته اتحادي حڪومت سان گڏ هلڻ سندن مجبوري آهي ۽ معاهدي تي مڪمل عملدرآمد ناهي ٿي رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.