ڪراچي (ويب ڊيسڪ ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل واڌ کانپوءِ وڏي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 2400 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 6 هزار 300 رپيا ٿي ويو.
ڏهه گرام سون جي قيمت ۾ به 2058 رپين جي لاٿ آئي، جنهن کانپوءِ ان جو نئون اگهه 2 لک 62 هزار 602 رپيا آهي.
ٻئي طرف، عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي اگهه ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي، جتي في اونس سون 24 ڊالر سستو ٿيڻ بعد 2912 ڊالر تي اچي ويو.
You might also like