ڪراچي (رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ مورو باءِ پاس تي قومپرست تنظيم پاران تڪراري ڪئنالن خلاف ڌرڻي واري سڏ تي مختلف شھرن مان ايندڙ ڪارڪنن کي روڪڻ دوران پوليس پاران ڪارڪنن مٿان لٺبازي ۽ گرفتارين جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ پوليس ڌاڙيلن، اسٽريٽ ڪرائيم توڙي اغوا انڊسٽري ۾ ملوث ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران سنڌ حڪومت جي ڪمداري ڪندي مخالف جماعتن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل، گرفتارين ۽ پُرامن احتجاج ڪندڙن مٿان تشدد ذريعي ضياءَ دور جي آمريت کي به لڄائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته ڳڻپ شماري ۾ غلط انگ اکر قبول ڪرڻ، ناڻي ورڇ ۾ ٿيندڙ ناانصافين، پاڻي واري معاملي ۾ سنڌ جي حق تي ڌاڙو، معدني وسيلن جي ڦُرلُٽ تي خاموشي، توڙي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌ جون لکين ايڪڙ زرعي زمينون ڪمپني سرڪار کي ڏيڻ وارن معاملن ۾ به پيپلز پارٽي عوام جي اجتماعي مرضي ۽ مطالبن جي ابتڙ فيصلا ڪري مالڪن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.