جرمني جو قونصل جنرل ڊاڪٽر روڊيگر لوٽز اڄ ڪراچي پهتو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جرمني جو قونصل جنرل ڊاڪٽر روڊيگر لوٽز اڄ ڪراچي ڪينٽ ريلوي اسٽيشن پهتو، جتي ڊويزنل ڪمرشل آفيسر (ڊي سي او) شيما غني سندس آجيان ڪئي ۽ گلن جو گلدستو پيش ڪيو.

ڊاڪٽر لوٽز ٽرين 41 اپ ڪراچي ايڪسپريس ذريعي ڪراچي کان حيدرآباد روانو ٿيو، جيڪا شام 3:00 وڳي پليٽ فارم نمبر 1 تان نڪتي. هو پنهنجي دوري دوران سنڌ ۾ مختلف منصوبن جو جائزو وٺندو ۽ ٿر ۾ صاف پاڻي جي منصوبي جو افتتاح ڪندو، جيڪو حصار فائونڊيشن سان گڏ مڪمل ڪيو ويو آهي.

ڊاڪٽر لوٽز جو هيءُ دورو پاڪستان ۾ بنيادي ڍانچي ۽ سماجي ترقي جي منصوبن ۾ جرمني جي دلچسپي کي ظاهر ڪري ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.