پنجاب ۾ فوجداري قانونن کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت صوبي ۾ فوجداري قانونن کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
صوبائي گهرو کاتي جي ترجمان موجب فوجداري قانون تبديل ڪرڻ لاءِ قانوني سڌارن جي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن جي سربراهي ڊي آءِ جي ڪامران عادل ڪندو، جڏهن ته ڪميٽي قانونن کي جديد ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ ٽن مهينن ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي.
ترجمان ٻڌايو ته ڪميٽي فوجداري ضابطي 1898، تعزيرات پاڪستان 1860، قانون شهادت آرڊر 1984 ۾ ترميمن جو مسودو تيار ڪندي، جڏهن ته ڪميٽي قومي سلامتي جي قانون جو مسودو به تيار ڪندي.
پنجاب جي گهرو کاتي موجب ڏوهن جي روڪٿام، قانون اثرائتي نموني لاڳو ٿيڻ ۽ امن جي بحالي بابت قانوني سڌارا آندا ويندا، جڏهن ته پنجاب ۾ خاص طور عورتن ۽ ٻارن جي تحفظ جي حوالي سان قانونن ۾ ترميمون تجويز ڪيون وينديون.
سڌارن واري ڪميٽي دهشتگردي روڪ، سائبر ڪرائم، سائبر سيڪيورٽي ۽ بين الصوبائي رابطن بابت قانونن ۾ ترميمون تجويز ڪندي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.