سنڌ جي پاڻي ۽ زمينن تي ڌاڙن ۾ پيپلزپارٽي جو وڏو هٿ آهي: رياض چانڊيو

لعلو رائنڪ (ويب ڊيسڪ)جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض چانڊيو لعلو رائنڪ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته  سنڌ اندر هٿ وٺي بدامني جي باھ ڀڙڪائي وئي آهي ڌاڙيل ڪلچر کي پروموٽ ڪري نوجوانن کي بيروزگاري طرف ڌڪي کين خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ٿو وڃي.

رياض چانڊيو چيو ته پنجاب طرفان سنڌو درياءَ تي نوان ڇھه ڪينال اڏي سنڌ جي زمينن کي بنجر بڻائڻ جي منظم سازش ڪئي پئي اهڙي سازش کي ڪامياب ڪرڻ ۾ پيپلزپارٽي آصف زرداري جو وڏو هٿ آهي.

هن چيو ته سنڌ جي خزاني مان پيسا کڻي هڪ ڪينال ساڍا چار لک ڪيوسڪ جو چولستان منظور ڪيو ويو آهي اهڙو چولستان ڪينال سنڌ جي لاءِ موت جو ڪينال آهي اهڙي ڪينال جي منظوري پيپلزپارٽي جي مراد علي شاهه ۽ رٿابندي جي وزير احسن اقبال طرفان گڏيل ڪانفرنس ڪري ڏني وئي جيڪو سنڌ جي ماڻهن جي ڦٽن مٿان لوڻ ٻرڪڻ آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪينال جي مخالفت ڪندڙ ملڪ مخالف آهن، سنڌ جو شعور ڪينالن جي سخت مخالفت ڪري ٿو ۽ ساڃاھ وندن کي اپيل آهي ته درياءَ بچايو تحريڪ جو ساٿ ڏيئي روڊن رستن تي نڪري اچن، پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائن.

اهڙو اظهار هن صحافي محرم چانڊيو سان سندس سئوٽ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ غفار ميرجت ۽ ڊويزن اڳواڻ اياز لولائي  به ساڻس گڏ هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.