ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي ٻن صوبن ۾ تيز برساتون ۽ ڳڙو پوڻ سبب 29 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب افغانستان جي صوبي فراه جي اختيارين ٻڌايو ته صوبي ۾ ڳڙو پوڻ سان 21 ڄڻا فوت ۽ 6 زخمي ٿي پيا.
هوڏانهن قنڌار جي اختيارين موجب صوبي جي مختلف علائقن ۾ تيز برساتن سبب عورتن ۽ ٻار سميت 8 ڄڻا فوت ٿي ويا.
You might also like