نادرا شهرين کي نئين سهولت فراهم ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نادرا اي سهولت ذريعي ملڪ جي سڀني بينڪن ۾ شهري هاڻ رقم جمع ڪرائي سگهن ٿا.
نادرا ٽيڪنالاجيز لميٽيڊ ۽ ون لنڪ وچ ۾ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ جي 50 کان وڌيڪ بينڪن جي اڪائونٽن ۾ رقم جمع ڪرائي سگهجي ٿي.
معاهدي جي تقريب ۾ ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بينڪ سليم الله ۽ نادرا چيئرمين شرڪت ڪئي.
سڄي ملڪ ۾ پکڙيل اي سهولت جي 9 هزار کان وڌيڪ فرنچائز تي سهولت دستياب هوندي، رقم جمع ڪرائيندڙ ماڻهن جي بائيو ميٽرڪ تصديق ڪئي ويندي.
نادرا جو چوڻ آهي ته ملڪي خدمتن تائين پهچ بهتر ٿيندي، ڊجيٽل بينڪنگ خدمتن جو دائرو وڌندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.