لاهور (ويب ڊيسڪ) سمن آباد ۾ پي ٽي آءِ جي روپوش اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير اسلم اقبال جي ڊيري تان لاش هٿ اچڻ جو معاملو حل ٿي ويو.
گذريل ڏينهن ميان اسلم اقبال جي ڊيري تان هڪ ڪمري مان اٽڪل 40 ورهين جي شخص جو لاش هٿ آيو هو، جنهن تي پوليس ڪيس داخل ڪيو هو.
پوليس موجب ميان اسلم اقبال جي ڊيري تان هٿ ايندڙ لاش جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، مقتول جي سڃاڻپ عمران خان جي نالي سان ٿي، جيڪو فيصل آباد جو رهواسي ۽ برطرف پوليس اهلڪار آهي.
پوليس ٻڌايو ته ڪانسٽيبل ارشد ۽ عمران نشي ۾ هئا، ٻنهي ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن کانپوءِ راشد گولي هڻي عمران خان کي ماري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو.
پوليس موجب جوابدار ارشد کي ميانوالي مان گرفتار ڪيو ويو آهي، هن ميان اسلم جي ڊيري تي ڪوارٽر مسواڙ تي ورتو هو، جڏهن ته فليٽ مان آئس نشي جو سامان به برآمد ٿيو.
You might also like