”بابر ڏهن سالن کان کيڏي پيو پر ڀارت خلاف ملڪ کي هڪ ميچ به ناهي کٽرائي سگهيو“

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ، ڀارت هٿان پاڪستان جي بدترين شڪست کانپوءِ قومي ٽيم جي فاسٽ بالرن تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
هڪ بيان ۾ محمد حفيظ چيو ته شاهين آفريدي، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف 2023ع واري ايشيا ڪپ کان وٺي لاڳيتو ناقص ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، هنن نه رڳو ايشيا ڪپ، ون ڊي ورلڊ ڪپ ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ، پر هاڻي چيمپيئنز ٽرافي ۾ به ٽيم کي فائدو نه ڏنو.
حفيظ جو چوڻ هو ته هاڻي اهو قبول ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي ته ٽيلينٽ هئڻ باوجود هي ٽئي پاڪستان کي وڏن ٽورنامينٽن ۾ ڪاميابي نه ڏياري سگهيا.
سندس چوڻ هو ته هاڻي ٻين بالرن کي موقعو ڏيڻ گهرجي، محمد علي، خرم شهزاد، محمد وسيم جونيئر، عاڪف جاويد ۽ مير حمزا، جيڪي پنهنجي موقعي جا حقدار آهن.
اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم تي به تنقيد ڪندي حفيظ چيو ته هو گذريل ڏهن سالن کان پاڪستان لاءِ کيڏي رهيو آهي، پر ڀارت خلاف ٽيم کي ڪا به ميچ ناهي کٽرائي سگهيو.
هن تجويز ڏني ته بابر کي هاڻي مستقل طور تي ون ڊائون پوزيشن تي کيڏڻ گهرجي ته جيئن مڊل آرڊر مضبوط ٿي سگهي، جتي رضوان، بابر ۽ آغا سلمان گڏجي بهترين جوڙي بڻجي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.