سنڌ جي جيلن ۾ قيدين جي کاڌي،دوائن،فرنيچر جي ٺيڪن ۾ ساڍا 2 ارب جون بي ضابطگيون

ڪراچي(رپورٽر )سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ ۾ سنڌ جي جيلن ۾ قيدين کي ٽن وقتن جي ماني، دوائن، ڪپڙن ۽ فرنيچر جي فراهميءَ جي ٺيڪن ۾ 2 ارب 45 ڪروڙ 61 لک روپين جي بي ضابطگين ۽ فنڊن جي غلط استعمال جو انڪشاف ٿيو آهي. سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ اهڙي انڪشاف تي سنڌ جي مختلف جيلن ۾ قيدين جي ٽن وقتن جي ماني۽ دوائن جي فراهميءَ سميت ٻين شين جي خريداريءَ لاءِ ٺيڪن ۾ 2 ارب 45 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي بي ضابطگين بابت سنڌ جي گهرو کاتي واري سيڪريٽري کي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي هڪ مهيني ۾ جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي پي اي سيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار احمد کهڙو جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن خرم ڪريم سومرو، مخدوم فخرالزمان سميت آءِ جي جيل قاضي نظيراحمد ۽ ٻين مختلف جيلن جي جيل سپرنٽينڊنٽس شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي جيل کاتي جي سال 2019ع، 2020ع جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڪراچيءَ جي سينٽرل جيل سميت ٻين ضلعن جي جيلن ۾ قيدين کي کاڌي پيتي، دوائن، ڪپڙن ۽ فرنيچر جي فراهميءَ جي ٺيڪن ۾ 2 ارب 45 ڪروڙ 61 لک روپيا بي ضابطگيون ٿيڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو آءِ جي جيل کان پڇاڻو ڪيو ته قيدين کي ماني ۽ ٻين شين جي فراهميءَ لاءِ اربين روپين جا ٽيندڙ ڪهڙن ٺيڪيدارن کي ڏنا ويا؟ ان بابت رڪارڊ فراهم ڪيو ۽ اِهو پڻ ٻڌايو وڃي ته قيدين کي فراهم ٿيندڙ 3 وقتن جي ماني جو معيار ڪهڙو آهي؟ اجلاس ۾ جيل اختياريون وڌيڪ رڪارڊ ڏيڻ بابت پي اي سيءَ کي مطمئن نه ڪري سگهيون، ڪميٽيءَ جي ميمبر خرم ڪريم سومرو جيل اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته جيلن ۾ سڌارن لاءِ سنڌ حڪومت اربين روپيا بجيٽ فراهم ڪري رهي آهي ته پوءِ ڪجهه ڏينهن اڳ ملير جيل جي کڙڪيءَ مان قيدي ڪيئن فرار ٿي ويو؟ جنهن تي جيل اختياريون قيدي جي فرار ٿيڻ تي پي اي سي کي مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.