اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندي ايڊووڪيٽ اختر حسين جڊيشل ڪميشن جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
سينيئر ايڊووڪيٽ اختر حسين پنهنجي ليٽر ۾ لکيو ته پاڪستان بار ڪائونسل مون کي 1973 جي آئين جي آرٽيڪل 175 (A) (2) (vi) تحت 3 ڀيرا جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو رڪن نامزد ڪيو، مان پنهنجون ذميواريون بهترين صلاحيتن موجب انجام ڏيندو رهيس.
هن لکيو ته تازي عدالتي تقريرن بابت تڪرارن جي بنياد تي وڌيڪ ڪم جاري نٿو رکي سگهان، مان جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان، پنهنجي استعيفيٰ جي نقل پاڪستان بار ڪائونسل کي موڪلي رهيو آهيان ته جيئن آئين تحت منهنجي جاءِ تي نئون نامزد رڪن مقرر ڪري سگهجي.
You might also like