اپوزيشن اڳواڻن جون قادر مگسي ۽ اياز لطيف سان ملاقاتون، تحريڪ ۾ شموليت جي دعوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن اڳواڻن جون سنڌ ۾ سياسي ملاقاتون جاري آهن.
تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جي سربراهي ۾ وفد سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي سان ملاقات ڪئي.
هوڏانهن اسد قيصر جي سربراهي ۾ اپوزيشن وفد عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي سان ملاقات ڪئي، ٻنهي ملاقاتن ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ اياز لطيف پليجي کي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۾ باضابطا طور شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي.
واضح رهي ته تحريڪ انصاف عيد کانپوءِ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو اشارو ڏنو آهي، ان سلسلي ۾ مختلف جماعتن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون پيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.