پاڪستان خلاف ميچ ۾ ڀارت جي شڪست جي اڳڪٿي ڪندڙ ساڌو ڏچي ۾ پئجي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي پاڪ-ڀارت ميچ ۾ ڀارت جي شڪست جي اڳڪٿي ڪندڙ ساڌو ڏچي ۾ پئجي ويو.
” آءِ ٽي بابا“ جي نالي سان مشهور ڀارتي ساڌو اڀي سنگهه ميچ کان اڳ دعويٰ ڪئي هئي ته ڀارت چيمپيئنز ٽرافي جي اهم ميچ ۾ پاڪستان کان هارائيندو ۽ ڪوهلي ناڪام ٿيندو.
سندس اِها وڊيو تيزيءَ سان وائرل ٿي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن ان کي سنجيده ورتو.
پر ٽورنامينٽ جي سڀ کان وڏي مقابلي ۾ ڀارت پاڪستان کي راند جي ٽنهي شعبن ۾ آئوٽ ڪلاس ڪندي ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ان کانسواءِ ويرات ڪوهلي ناٽ آئوٽ سينچري پڻ ٺاهي، ميچ ختم ٿيندي ئي سوشل ميڊيا تي ” آءِ ٽي بابا “ ٽرينڊ ڪرڻ لڳو، جنهن تي شوقينن طنزيه قسم جا تبصرا ڪيا.
ڪجهه ماڻهن لکيو ته ” ڀائرو! هن بابا کي زنده پڪڙڻو آهي ۽ ڀارت مان نيڪالي ڏيڻي آهي، جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن مشورو ڏنو ته ” اڳڪٿين تي ڪڏهن به ڀروسو نه ڪجي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.