شيخ حسينا جو تختو اونڌو ڪندڙ شاگردن جو پنهنجي سياسي جماعت ٺاهڻ جو اعلان

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) شيخ حسينا واجد جي حڪومت جي خاتمي جو سبب بڻجندڙ شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن پنهنجي سياسي جماعت ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
شاگرد تحريڪ، جنهن کي ”اسٽوڊنٽس اگينسٽ ڊسڪريمنيشن“ جو نالو ڏنو ويو هو، هاڻ هڪ نئين سياسي جماعت ٺاهي رهي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب شاگرد تحريڪ جا اڳواڻ امڪاني طور اربع تي پنهنجي نئين جماعت جو اعلان ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته اسٽوڊنٽس اگينسٽ ڊسڪريمنيشن جي اڳواڻ ۽ عوبري حڪومت ۾ صلاحڪار ناهيد اسلام کي نئين جماعت جو ڪنوينر مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.