پوليس کان مدد طلب ڪرڻ جي ٻئي ڏينهن ئي ٽن ٻارن جي ماءُ بي دردي سان قتل

وهاڙي (ويب ڊيسڪ) پوليس کان ايمرجنسي ڪال تي مدد طلب ڪرڻ جي ٻئي ڏينهن ئي ٽن ٻارن جي ماءُ کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو.
پوليس موجب وهاڙي ۾ ٺينگي ٿاڻي جي حدن 54 ڊبليو بي ۾ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ پيءُ 3 ڄڻن سان گڏجي ٽن ٻارن جي ماءُ کي تکي اوزار سان قتل ڪري ڇڏيو.
شروعاتي اطلاعن موجب جوابدارن کي شڪ هو ته عورت جا ڪنهن سان ناجائز لاڳاپا آهن، واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس پهچي شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.
پوليس ٻڌايو ته عورت کي اڳ ئي شڪ هو ته کيس قتل ڪيو ويندو، تنهن ڪري هن 15 تي ڪال به ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.