” ايشوريا راءِ لاءِ وڙهڻو پيو ته وڙهنديس“ريکا جو بيان وائرل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ايشوريا راءِ جو شمار نه رڳو ڀارت، پر سڄي دنيا جي خوبصورت ترين عورتن ۾ ٿئي ٿو ۽ هوءَ ماضيءَ ۾و سونهن جو عالمي مقابلو پڻ کٽي چڪي آهي.
عمر جي هن حصي ۾ به سندس خوبصورت نظر اچڻ ڪيترن ئي ماڻهن کي حيران ڪري ٿو، جنهن ڪري ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته سندس حسن فطري نه پر مصنوعي آهي ۽ هن پلاسٽڪ سرجري ڪرائي آهي.
ماضيءَ ۾ هڪ انٽرويو دوران جڏهن سينيئر اداڪارا ريکا کان ان بابت پڇيو ويو ته هن ايشوريا جي واکاڻ ڪندي چيو ته ڀارتي اداڪارائن مان هوءَ سڀ کان وڌيڪ ايشوريا کي پسند ڪري ٿي.
ريکا موجب، ايشوريا جو چهرو انتهائي واضح تاثر ڏيکاري ٿو ۽ جيڪڏهن ڪنهن هن تي تنقيد ڪئي ته هوءَ ضرورت پوڻ تي سندس لاءِ وڙهڻ لاءِ تيار هوندي.
سينيئر اداڪارا وڌيڪ چيو ته انڊسٽريءَ ۾ ايشوريا جو ڪو به مٽ ناهي ۽ هوءَ دل سان سندس حمايت ڪري ٿي.
واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي ڪيترائي واهپيدار دعويٰ ڪندا آهن ته ايشوريا راءِ ڪاسميٽڪ سرجريون ڪرايون آهن، جنهن سبب هوءَ پنهنجي عمر کان گهڻو جوان ۽ خوبصورت نظر اچي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.