ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڊفينس مان منشيات فروشي جي الزام ۾ گرفتار اداڪار ساجد حسن جي پٽ جوابدار ساحر حسن جي انٽروگيشن رپورٽ سامهون اچي وئي.
انٽروگيشن رپورٽ موجب جوابدار ساحر 13 سالن کان منشيات استعمال ڪري رهيو آهي ۽ ٻه سال اڳ وڪرو شروع ڪيو، هو بازل ۽ يحيٰ نالي شخص کان منشيات خريد ڪندو آهي، ٻئي ڪوريئر ذريعي ساحر کي منشيات گهر موڪليندا هئا.
انٽروگيشن رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار ٻنهي ڄڻن کان منشيات خريدڻ جا 4 کان 5 لک رپيا ڏيندو هو ۽ هڪ مهيني ۾ ٻه ڀيرا 1200 گرام منشيات گهرائيندو هو ۽ هڪ گرام منشيات 10 هزار رپين ۾ وڪرو ڪندو هو.
انٽروگيشن رپورٽ موجب جوابدار ڪسٽمرن سان فون تي ڳالهائيندو هو ۽ اهي سندس گهر مان منشيات خريد ڪندا هئا، منشيات جي وڏي مقدار ۾ وڪري تي رقم پيءَ جي مينيجر جي اڪائونٽ ۾ گهرائيندو هو.
رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته مصطفيٰ قتل ڪيس جو مک جوابدار ارمغان جوابدار ساحر کان منشيات خريد ڪندو هو.
You might also like