لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ايم پي اي فريال ٽالپر لاڙڪاڻي پهچي ڪجهه ڏينهن اڳ قتل ٿيل هندو واپاري سنجي ڪمار جي وارثن سان تعزيت ڪري واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي فريال ٽالپر چيو ته اهڙو واقعو ڪنهن به ٿي سگهي ٿو، قاتل ڪنهن مذهب کي نٿا سڃاڻين، اسان پوليس تي مسلسل دٻاءُ وڌو آهي ته جوابدار کي پڪڙيو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، متاثر خاندان سان مڪمل سهڪار آهي.
هن چيو مان سڀني کي درخواست ٿي ڪيان ته منشيات فروشن بابت اطلاع ڏين، اسان ڪارروائي ڪري منشيات جو خاتمو آڻينداسين، اغوا جي وارداتن ۾ گهٽتائي آئي آهي.
لاڙڪاڻو: فريال ٽالپر جي مقتول هندو واپاري جي وارثن سان تعزيت، جوابدار جلد گرفتار ٿيندا: پ پ اڳواڻ
Prev Post
Next Post
You might also like