ممبئي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور ڀارتي گلوڪار ۽ اداڪار گرو رنڌاوا شوٽنگ دوران زخمي ٿي پيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، هو پنهنجي نئين البم ”شانڪي سردار“ جي شوٽنگ ۾ مصروف هو.
ايڪشن سين فلمائڻ دوران هو زخمي ٿي پيو، جنهن بعد کيس ويجهي اسپتال نيو ويو.
گلوڪار پنهنجي انسٽاگرام تي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي تصوير شيئر ڪندي ٻڌايو ته هي سندس پهريون اسٽنٽ هو ۽ پهريون ڀيرو زخمي ٿيو، پر سندس حوصلا بلند آهن.
هن وڌيڪ لکيو ته هيءَ تصوير ”شانڪي سردار“ جي يادگار آهي، ايڪشن ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي، پر هو پنهنجي مداحن لاءِ محنت ڪندو رهندو.
مداحن طرفان سندس جلد صحتيابي لاءِ دعائون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي.
You might also like