پاڪستان جي ڀارت خلاف انتهائي سست بيٽنگ، 147 ڊاٽ بال، شوقين ڏمرجي پيا

دبئي (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارت خلاف ميچ دوران پاڪستان انتهائي سست بيٽنگ ڪئي ۽ اننگز ۾ 147 ڊاٽ بال ڪيا، جنهن تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.
ڀارت خلاف ميچ دوران پاڪستاني ٽاپ آرڊر شروعاتي 161 بالن مان 100 ڊاٽ بال ڪيا ۽ اننگز ۾ مجموعي طور تي 147 ڊاٽ بال ڪيا.
پاڪستاني بيٽر ٽڪ ٽڪ ڪندا رهيا ۽ اننگز ۾ رڳو 3 ڇڪا ۽ 14 چوڪا لڳا، پاڪستان پهريون ڇڪو به 42هين اوور ۾ هنيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.