ڪوهليءَ جي سينچري، ڀارت هٿان پاڪستان کي بدترين شڪست

 

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت چيمپيئنز ٽرافي جي مها مقابلي ۾ پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
دبئي ۾ پاڪستان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ قومي ٽيم 49.4 اوورن ۾ 241 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
پاڪستان کي پهريون نقصان بابر اعظم جي صورت ۾ ٿيو، جنهن 23 رنسون ٺاهيون، ان کانپوءِ امام الحق 10 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو.
محمد رضوان 46 ۽ سعود شڪيل 62 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، طيب طاهر 4 ، سلمان آغا 19، نسيم شاهه 14، خوشدل شاهه 38 ۽ حارث رئوف 8 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته شاهين آفريدي کاتو ئي نه کوليو.
ڀارت جي ڪلديپ يادو 3، هاردڪ پانڊيا 2، هرشيت رانا، اڪشر پٽيل ۽ رويندرا جديجا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ ڀارت گهربل هدف 45 بال اڳ ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي ماڻي ورتو.
ويرات ڪوهلي ناقابل شڪست 100 رنسن جي اننگز کيڏي، شرياس ائير 56، شڀمن گل 46، روهت شرما 20، هاردڪ پانڊيا 8، اڪشر پٽيل 3 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان شاهين آفريدي 2، ابرار احمد ۽ خوشدل شاهه هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.