دبئي (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارت خلاف ميچ دوران پاڪستان جي خراب ڪارڪردگي تي مداحن طرفان تنقيد جو سلسلو جاري آهي.
پاڪستان دبئي ۾ ڀارت خلاف پهريان کيڏندي 241 رنسون ٺاهيون، پاڪستان جي اننگز تي سوشل ميڊيا واهپيدار ڪاوڙجي پيا، ڇو ته پاڪستان تمام سست بيٽنگ ڪئي ۽ 147 ڊاٽ بال ڪيا.
صحافي سهيل ارشد ايڪس تي لکيو ته خيال رهي هيءَ ”ميجر سرجري“ کانپوءِ واري ٽيم آهي، عروج جاويد نالي واهپيدار هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ شاهين آفريدي چئي رهيو آهي ايترو اسڪور ته مان اڪيلو کائيندس.
ڀارتي بالرن جي شاندار ڪارڪردگي تي هڪ واهپيدار لکيو ته ٽي گجراتي، ٽئي تباهي، اسان 17 سالن کانپوءِ پاڪ – ڀارت ٽيسٽ ميچ ڪرائڻ تي آءِ سي سي جا ٿورائتا آهيون.
You might also like