ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا، ماڊل ۽ ٽي وي ميزبان وينا ملڪ دعويٰ ڪئي آهي ته انٽرنيٽ تي سندس عمر بابت غلط ڄاڻ ڏني وئي آهي، جنهن موجب هوءَ پنهنجي ماءُ کان رڳو 10 سال ننڍي آهي.
وينا ملڪ پنهنجي سالگرهه جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس عمر ايتري نه آهي، جيتري گوگل ٻڌائي ٿو.
شادي بابت سوال تي هن واضح ڪيو ته في الحال سندس شادي جو ڪو ارادو ناهي، پر جيڪڏهن قسمت ۾ لکيل هوندي ته ان کان بچي نه سگهندي.
هن ٻڌايو ته نعت خواني ۽ ڳائڻ ۾ به قسمت آزمائي ڪئي، پر ڪاميابي نه ملي.
سياست بابت ڳالهائيندي هن چيو ته هوءَ غير سياسي آهي ۽ سياست سان سندس ڪو به واسطو ناهي.
ڪرڪيٽ بابت سوال تي وينا ملڪ چيو ته پاڪستان ۾ هر ڪو ڪرڪيٽ ڏسندو آهي ۽ هوءَ به ڪرڪيٽ جي ديواني آهي.
پنهنجي سالگرهه بابت هن ٻڌايو ته هوءَ 20 فيبروري تي صبح جو پنجين وڳي ڄائي هئي، پر پنهنجي درست عمر ظاهر نه ڪئي، بس ايترو چيو ته انٽرنيٽ تي سندس عمر غلط لکيل آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like