نوشهرا (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته تحريڪ انصاف وارا سڀ کان وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائين ٿا ۽ هو اڄ کان ڪوڙ خلاف جهاد شروع ڪري رهيو آهي.
نوشهرا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته سياست ۾ پنهنجي سڄي زندگي تباهه ڪري ڇڏي، پر عوام اسان سان نه پر پاڻ سان زيادتي ڪئي.
پرويز خٽڪ جو چوڻ هو ته وڏي وزير طور صوبي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو پنهنجي دم تي ڪيو، چونڊن دوران ماڻهو انڌا ۽ ٻوڙا ٿي ويا هئا.
هن دعويٰ ڪئي ته عوام هڪ سال ۾ ئي صوبائي حڪومت کان ناراض ٿي چڪو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته صحت ڪارڊ هن شروع ڪيو هو، تعليم ۽ پوليس ۾ به سڌارا آندا.
پرويز خٽڪ اعلان ڪيو ته هو تمام جلد هڪ ڪتاب لکندو، جنهن ۾ سڀ حقيقتون بيان ڪندو.
You might also like