ملڪ ۾ هلندڙ سال پوليو جو ٽيون ڪيس لاڙڪاڻي مان رپورٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ هلندڙ سال پوليو جو ٽيون ڪيس لاڙڪاڻي مان رپورٽ ٿيو آهي، جيڪو سنڌ مان ٻيو ڪيس آهي.
اي او سي ترجمان موجب، گذريل سال ملڪ ۾ پوليو جا 74 ڪيس سامهون آيا هئا، جن مان بلوچستان مان 27، خيبرپختونخوا مان 22 ۽ سنڌ مان 23 ڪيس رپورٽ ٿيا.
پنجاب ۽ اسلام آباد مان گذريل سال پوليو جو هڪ، هڪ ڪيس سامهون آيو هو.
واضح رهي ته هلندڙ سال پوليو جو پهريون ڪيس خيبرپختونخوا جي ڊيرا اسماعيل خان مان، جڏهن ته ٻيو ڪيس بدين مان رپورٽ ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.