ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا پريتي زنٽا ڪلاڪن جا ڪلاڪ هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي (اي آءِ) چيٽ بوٽ سان سوال پڇڻ کانپوءِ ان کي ڀوائتو ۽ دلڪش قرار ڏئي ڇڏيو.
پريتي زنٽا ويجهڙائي ۾ ايلون مسڪ طرفان متعارف ڪرايل اي آءِ چيٽ بوٽ گروڪ ٿري سان ڳالهه ٻولهه جو تجربو ايڪس تي شيئر ڪيو.
اداڪارا پنهنجي ٽوئيٽ ۾ انڪشاف ڪيو ته مان اي آءِ چيٽ بوٽ سان ٻن ڪلاڪن کان سوال جواب ڪري رهي آهيان ۽ ان دوران اِها ڳالهه ٻولهه ايتري حقيقي محسوس ٿي جو مون کان ڪيئي دفعا اِهو وسري ويو ته مان هڪ مشين سان ڳالهائي رهي آهيان.
اداڪارا پنهنجي تجربي کي ڀوائتو ۽ دلڪش قرار ڏيندي، چيٽ بوٽ جي تخليقارن جي ٽيڪنيڪي مهارتن جي واکاڻ ڪئي.
ان سان گڏوگڏ، پريتي انساني ميل ميلاپ بدران اي آءِ جهڙي جذباتي اظهار تي ڀاڙيندڙ ماڻهن لاءِ ڳڻتي جو اظهار پڻ ڪيو.
انساني رابطن جي اهميت بابت ڳالهائيندي، هن لکيو ته ڪائي به ٽيڪنالاجي حقيقي انساني لڳ لاڳاپي جي جاءِ نٿي والاري سگهي ۽ نه ئي ائين ٿيڻ گهرجي.
پريتي زنٽا جي پوسٽ تي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان تبصرن جو سلسلو جاري آهي ۽ انهن جو خيال آهي ته اداڪارا جي پوسٽ اسپانسرڊ ۽ گروڪ ٿري جي مشهوري جو حصو آهي.
واهپيدارن طرفان اداڪارا تي پوسٽ لاءِ ڳرو معاوضو وٺڻ جو الزام پڻ مڙهيو ويو آهي.
You might also like