ڀنسالي ۽ ڪرينا ۾ ٻن ڏهاڪن کان هلندڙ تڪرار جو ڪارڻ ڇا آهي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪاره ڪرينا ڪپور ماضي ۾ ڀارت جي مشهور هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي کي منجهيل انسان قرار ڏيندي آپي مان ٻاهر نڪري وئي هئي ۽ سانش گڏ ڪم نه ڪرڻ جو عهد ڪيو هو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڪرينا ڪپور ۽ ڊائريڪٽر سنجي ليلا ڀنسالي وچ ۾ سالن کان هلندڙ تڪرار جي شروعات فلم ”ديوداس“ کان ٿي هئي، فلم ديوداس سنجي ليلا ڀنسالي جي ڊائريڪشن ۾ بڻيل بلاڪ بسٽر فلم هئي جنهن ۾ شاهه رخ سان ۽ ايشوريا راءِ سميت ٻيا مشهور اداڪار به شامل هئا.
ميڊيا رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته 2002 ۾ ڪرينا ڪپور فلم ”ديوداس“ ۾ ”پارو“ جو ڪرار ڪرڻ لاءِ بي چين هئي ۽ ٻڌايو پيو وڃي ته ڪرينا ان فلم جي لاءِ اسڪرين ٽيسٽ به ڏنو هو پر ان سڀني جي باوجود فلم ۾ اداڪاره ايشوريا راءِ کي ”پارو“ جي ڪردار لاءِ ڪاسٽ ڪيو ويو.
ان کانپوءِ هڪ انٽرويو دوران اداڪارا انڪشاف ڪيو هو ته سنجي ليلا شروع ۾ ان کي معاهدي جي رقم به ڏني هئي پر بعد ۾ سندس جاءِ تي ايشوريا راءِ کي ڪاسٽ ڪيو ويو.
ان انٽرويو دوران ڪرينا ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهو به چيو هو ته سنجي مونکي تڪليف ڏني، جيڪڏهن مون وٽ ڪو ڪم نه هوندو تڏهن به مان سنجي سان گڏ ڪم نه ڪنديس.
ٻئي پاسي سنجي ليلا ڀنسالي ڪرينا جي دعويٰ جي ترديد ڪندي ٻڌايو هو ته اداڪارا بدران ان جي ڊيزائنر نيتا لولا رابطو ڪيو هو پر فوٽ شوٽ ڏسي کيس ڪرينا جي جاءِ تيِ ايشوريا بهتري چونڊ لڳي، ڪرينا مونکي چيو هو ته مونکي فلمون ٺاهڻ نه ٿيون اچن پر مان ان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته مان فلمون ٺاهڻ ڄاڻان ٿو.
سنجي جي فلم ”رام ليلا“ جي لاءِ ڪرينا جو اوچتو انڪار
ميڊيا رپورٽ موجب، ان کانپوءِ ڪيئي ورهين بعد هي تڪرار ختم ٿيو ۽ سنجي ليلا ڀنسالي ڪرينا کي پنهنجي فلم ”رام ليلا“ ۾ مک ڪردار ۾ ڪاسٽ ڪيو هو.
ڪرينا فلم جي لاءِ پروموشنل تصويرون به شوٽ ڪيون پر شيڊيولنگ تڪرار جو حوالو ڏيندي ڪرينا اوچتو پوئتي هٽي وئي.
پرڏيهي ميڊيا جي موجب، ڪرينا فلم جي ڪاسٽنگ کان پوئتي هٽڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو هو ته مان شوٽنگ لاءِ 100 ڏينهن مختص ڪيا هئا پر ڀنسالي انهن ڏينهن ۾ اضافو چاهي پيو.
اداڪارا موجب، هوءَ اڳ ۾ ئي ٽي وڏيون فلمون سائن ڪري چڪي هئي انڪري هوءَاضافي تاريخن کي ايڊجسٽ نه ٿي ڪري سگهي.
ڪرينا جي اوچتي انڪار تي سنجي ليلا ڀنسالي چڙي پيو هو ۽ ان مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته سيٽ ترتيب ڏنا ويا آهن ۽ ڪرينا جو شوٽنگ کان 10 ڏينهن اڳ پوئتي هٽڻ واقعي حيران ڪندڙ آهي.
2013 ۾ ڪرينا بعد فلم جي لاءِ دپيڪا پاڊڪون کي ڪاسٽ ڪيو ويو ۽ فلم رام ليلا زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.