غير معمولي برفاني سسٽم سنڌ ۽ بلوچستان تي اثرنداز ٿيندو: موسميات کاتو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ برسات ۽ برفباري جو ٻيو سسٽم اڄ کان اثرانداز ٿيڻ جو امڪان آهي.
صوبي جي ڪجهه علائقن ۾ برسات ۽ جبلن تي هلڪي برفباري جو امڪان آهي، جڏهن ته سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ موسم جهڙالي ۽ هلڪي بوندا باندي جو امڪان آهي.
موسميات ماهرن موجب، 24 فيبروري کان هڪ غيرمعمولي برفاني سسٽم بلوچستان ۽ سنڌ تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن برسات ۽ برفباري کان پوءِ اڄ ملڪ جي گهڻن حصن ۾ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.