خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن زلزلي جا لوڏا

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
ميڊيا رپورٽن موجب، سوات، بونير مالاڪنڊ ڊويزن ۽ شانگلا ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
ميٽ آفيس موجب، زلزلي جي شدت 4 ڏهائي هڪ ۽اونهائي 22 ڪلو ميٽر هئي جڏهن ته زلزلي جو مرڪز بٽ خيله کان ساڍا ڇهه ڪلو ميٽر پري اتر اولهه ۾ هو.
رپورٽ موجب، زلزلي متاثر علائقن مان اڃا تائين ڪنهن به قسم جي جاني ۽ مالي نقصان جا اطلاع سامهون ناهن آيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.