آفاق احمد جي ضمانت منظور، هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مهاجر قومي موومينٽ جي چيئرمين آفاق احمد جي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي.
لانڍي ۽ ڪورنگي ۾ ٽرڪن کي باهه ڏيڻ وارن واقعن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس عدالت کي آگاهه ڪيو ته آفاق احمد خلاف لانڍي ۽ عوامي ڪالوني ٿاڻن ۾ ٻه ڪيس داخل آهن جن ۾ هو اڳ ئي گرفتار آهي.
عدالت آفاق احمد جي ٻنهي ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪندي، هر هڪ لاءِ هڪ لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
ان کانپوءِ آفاق احمد جي وڪيل ٻڌايو ته ضمانت بعد پوليس سرجاني ٽائون ٿاڻي ۾ داخل ڊمپر کي باهه ڏيڻ واري هڪ ٻئي ڪيس ۾ سندس نئين گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته ڪراچي ۾ ڊمپر ۽ ٽرڪن جي وڌندڙ حادثن کانپوءِ شهر ۾ ڪجهه ٽرڪن ۽ ڊمپرن کي باهه ڏني وئي هئي، جنهن بعد آفاق احمد کي بيان ڏيڻ تي گرفتار ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.