ممبئي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا رشميڪا منڌانا پنهنجي شاندار پرفارمنس ذريعي هڪ ٻيو اعزاز ماڻي ورتو، هوءَ 4 بلاڪ باسٽر فلمون ڏيندڙ پهرين اداڪارا بڻجي وئي آهي.
رشميڪا جي نئين فلم ڇاوا باڪس آفيس تي شاندار ڪاميابي ماڻي رهي آهي، جنهن شروعاتي 5 ڏينهن ۾ 151.28 ڪروڙ رپين جو ڪاروبار ڪيو آهي ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ته اها فلم عالمي سطح تي 500 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪري سگهي ٿي.
رشميڪا جي بلاڪ باسٽر فلمن ۾ ڇاوا (2025)، پشپا 2 (2024) اينيمل (2023)، وارث (2023) شامل آهن.
رشميڪا جي ڪامياب فلمن جي فهرست ۾ واڌ ٿيڻ واري آهي، ڇو ته هوءَ سلمان خان جي ايندڙ فلم ”سڪندر“ سميت ٻين وڏن پراجيڪٽن ۾ نظر ايندي.
You might also like