پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه حڪومت پشاور جي ارباب نياز ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو نالو تبديل ڪري عمران خان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
خيبر پختونخواهه جي راندين واري کاتي ان حوالي سان سمري تيار ڪري وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي موڪلي هئي.
اسٽيڊيم جو نالو تبديل ڪرڻ جي سمري سڀاڻي ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي، جنهن جي منظوري جو چٽو امڪان آهي.
You might also like