اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ بار صدر چيو آهي ته وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سڀاڻي اپوزيشن جي 7 رڪني وفد سان به ملندو.
چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي سان سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ بار جي صدر ميان رئوف عطا چيو ته چيف جسٽس موجب هو سڀاڻي اپوزيشن جي 7 رڪني وفد سان به ملندو.
هن چيو ته جسٽس قومي عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي بابت سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان ملي رهيو آهي، سپريم ڪورٽ بار سڌارن جي عمل ۾ چيف جسٽس کي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي آهي.
سپريم ڪورٽ بار صدر چيو ته انصاف جي فراهمي ۾ سهڪار لاءِ چيف جسٽس جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا، چيف جسٽس اپوزيشن کان به انصاف جي فراهمي بابت تجويزون طلب ڪيون آهن.
You might also like