ابوظهبي ۾ دفاعي نمائش، پاڪستان اسٽيٽ آف دي آرٽ هٿيار بليز 25 متعارف ڪرائي ڇڏيو

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي گادي واري هنڌ ابوظهبي ۾ بين الاقوامي دفاعي نمائش آئيڊيڪس جاري آهي.
5 ڏهاڙن واري بين الاقوامي دفاعي نمائش آئيڊيڪس ۾ پاڪستان سميت 40 کان وڌيڪ ملڪ شريڪ آهن.
نمائش آئيڊيڪس ۾ پاڪستان پويلين ۾ دفاعي صنعت ”ميڊ ان پاڪستان“ سان گڏ موجود آهي.
پاڪستان آئيڊيڪس ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ هٿيار بليز 25 متعارف ڪرائي ڇڏيو، بليز 25 هڪ جديد هٿيار آهي، جيڪو هٿرادو ذهانت (آرٽيفيشل انٽيليجنس) سان ليس آهي، هي ٽينڪ ۽ اي پي سي کي نشانو بڻائي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.