”منهنجو هڪ هڪ پَل عوام جي خدمت ۾ گذري رهيو آهي“

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزير اعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته صبح کان شام تائين منهنجو هر پل عوام جي خدمت ۾ گذري رهيو آهي.
اليڪٽرڪ بسن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اڄ منهنجي ڪارڪردگي تي ڪو به نٿو ڳالهائي سگهي، اسان اڳ ۾ اهڙا وزير اعليٰ ڏٺا، جن جو ذاتي ڪاروبار هليو، گوگي پنڪي دور ۾ وزير اعليٰ هائوس بزنس هلائي رهيو هو.
هن چيو ته اڄ مون گرين بس ۾ سفر ڪيو، گرين پنجاب جو خواب اڄ حقيقت بڻجي ويو، 27 بسون پنجاب پهچي چڪيون آهن، جيڪي سڀاڻي کان روڊن تي هلنديون، 500 بسون جلد پنجاب پهچڻ واريون آهن، 500 بسن جي کيپ آگسٽ ۾ پاڪستان ايندي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه به منهنجو آهي، جيڪڏهن اهي صوبا منهنجا ناهن ته مان پاڪستاني ناهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.