بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي هڪ شاگرد پنهنجي ”انفليٽيبل گرل فرينڊ“ کي لڪائڻ جي لاءِ ان کي ساڙي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ يونيورسٽي ڪيمپس ۾ باهه لڳي وئي، هي واقعو 10 فيبروري تي انهوئي صوبي جي حفي يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جي شنڪي اسٽوڊنٽ هاسٽل ۾ پيش آيو.
ميڊيا موجب هڪ شاگرد پنهنجي هاسٽل جي ڪمري ۾ هڪ انفليٽيبل گڏي سان گڏ موجود هو ته اوچتو ان جو روم ميٽ وقت کان اڳ واپس اچي ويو، گهٻراهٽ ۾ هن گڏي کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر باهه تيزي سان ڦهلجي وئي ۽ هاسٽل ۾ فائر الارم وڄي ويو، يونيورسٽي انتظاميه فوري ڪارروائي ڪندي باهه تي ضابطو آڻي ورتو.
يونيورسٽي جي هڪ اهلڪار ٻڌايو ته انفليٽيبل گڏي کي هاسٽل جي هال وي ۾ ساڙيو ويو هو، جنهن بعد سيڪيورٽي گارڊ فورن فائر ڊپارٽمينٽ سان رابطو ڪيو ۽ صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو ويو.
اهلڪار موجب هن واقعي ۾ ڪوئي جاني نقصان يا مالي نقصان نه ٿيو آهي ۽ يونيورسٽي لاڳاپيل شاگرد سان رابطو ڪري ورتو آهي.
واقعي بعد هاسٽل انتظاميه شاگردن کي سخت هدايت جاري ڪيون آهن ته ڪنهن به سليڪون يا باهه واري مواد کي ساڙڻ بدران ڪچريدان ۾ ضايع ڪيو وڃي.
Prev Post
You might also like