ٽامي جي کاڻ ويهڻ سان 7 مزدور اجل جو شڪار

آستانا (ويب ڊيسڪ) قازقستان ۾ ٽامي جي کاڻ ويهڻ سبب 7 مزدور فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب قازقستان ۾ ٽامي جي کاڻ ۾ پيش آيل حادثي ۾ فوت ٿيل 7 مزدورن جا لاش برآمد ڪيا ويا آهن.
اختيارين ٻڌايو ته اهو حادثو 640 ميٽر اونهائي ۾ ان وقت پيش آيو، جڏهن هڪ وڏي ٽڪري کاڻ ۾ ڪِري پئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.