اڳتي وڌڻ لاءِ ملڪ ۾ سازگار حالتون ضروري آهن: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڳتي وڌڻ لاءِ ملڪ ۾ سازگار حالتون ضروري آهن.
وفاقي ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ترڪيه سان واپار وڌائي 5 ارب ڊالرن تائين پهچائينداسين، صدر رجب طيب اردگان جي دوري دوران ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون ٿيون، گڏيل واپاري لاڳاپا وڌائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته دهشتگردي جو مڪمل خاتمو اسان جو مشن آهي، اڳتي وڌڻ لاءِ ملڪ ۾ سازگار حالتون ضروري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.