رمضان ۾ کنڊ گهڻي ڪلو ملندي؟ وڏو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن پنجاب زون اعلان ڪيو آهي ته رمضان المبارڪ ۾ سڄي ملڪ ۾ سيل پوائنٽس ذريعي کنڊ 130 رپيا في ڪلو وڪرو ڪئي ويندي.
شگر ملز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته کنڊ جو اگهه بنيادي طور تي طلب ۽ پهچ جي بنياد تي مارڪيٽ قوتون طئي ڪنديون آهن، سٽي باز فائدي لاءِ مارڪيٽ تي اثرانداز ٿي رهيا آهن، حڪومت کي اپيل آهي ته اهڙن عنصرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
ايسوسيئيشن موجب لاڳت ۾ مسلسل واڌ باوجود دنيا ۾ سڀ کان سستي کنڊ ٺاهي رهيا آهيون، موجوده ڪرشنگ سيزن ۾ ڪمند جي قيمت 600 رپيا في مڻ تائين پهچي وئي، وفاقي حڪومت شگر انڊسٽري کي بچائڻ لاءِ ان کي مڪمل ڊي ريگوليٽ ڪري، گهريلو، واپاري ۽ صنعتي واهپيدارن لاءِ الڳ الڳ طريقي ڪار واضح ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.