سيوهڻ (ويب ڊيسڪ) لعل شهباز قلندر جي مزار جي ڀر وارن علائقن مان 10 زائرين جا لاش برآمد ٿيا آهن.
لعل شهباز قلندر جي عرس جو سلسلو جاري آهي، جنهن لاءِ زائرين مختلف علائقن مان مزار جو رُخ ڪري رهيا آهن.
ايڌي انچارج موجب مزار جي ڀر وارن علائقن مان 10 زائرين جا لاش مليا آهن ۽ سڀني زائرين جو موت طبي طور ٿيو.
ايڌي انچارج ٻڌايو ته سمورا لاش ٽن ڏينهن دوران مليا، جن مان اڪثريت جو واسطو پنجاب سان آهي، هيل تائين 9 لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن ۽ ايڌي سرد خاني ۾ رڳو هڪ لاش موجود آهي.
You might also like