راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ سلمان اڪرم راجا رمضان کانپوءِ ملڪ گير احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اڊيالا جيل وڃڻ کان روڪڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته کين اڊيالا جيل وڃڻ کان روڪڻ قيديءَ جي حقن جي ڀڃڪڙي آهي.
سندس چوڻ هو ته هنن وٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو حڪمنامو موجود آهي، ملاقات کان روڪڻ توهينِ عدالت ۽ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي.
هن چيو ته هنن کي هاڻي ٻڌايو ويو آهي ته اوهان انتظار ڪريو، وڃڻ جو ناهي چيو ويو، ڪو به ڪم منصوبابندي کانسواءِ نٿو ٿي سگهجي، اڊيالا جيل ۾ جاري ٽرائلز جون ڊگهيون تاريخون مقرر ڪيون ويون جنهن تي خدشا آهن.
پي ٽي آءِ جي وڪيل چيوته عمران خان جا سمورا ڪيس ٻه ڏينهن اڳ مقرر ڪيل ججن کي ڏنا ويا، نون ججن کي ڪيس ڏيڻ به حڪمت عملي جو حصو آهي، اسلام آباد ۾ ججن جون مقرريون به منصوبابندي سان ڪيون ويون.
سلمان اڪرم راجا وڌيڪ چيو ته 26 هين ترميم ۾ پارٽي پاليسي جي خلاف ووٽ ڏيڻ وارن کي ڪڍڻ جو هڪ طريقو آهي، ڪجهه ماڻهن جا جواب اچي ويا آهن، انهن ماڻهن کي ڪڍڻ جو پي ٽي آءِ باني جو پيغام مليو آهي، اسان باني سان ملڻ چاهيون ٿا.
پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته فواد چوڌري تحريڪِ انصاف ۾ نه آهي، شعيب شاهين ۽ فواد چوڌري جو جهيڙو بنيادي انساني طرز عمل وارو معاملو، ٻنهي خلاف ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي.
Prev Post
You might also like