پاڪ-ڀارت ٽاڪرو ڏسڻ جي خواهشمند پاڪستاني شوقينن جي ويزائن لاءِ پي سي بي سرگرم

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيمپيئنز ٽرافي جي دبئي ۾ رٿيل پاڪ-ڀارت ميچ ۾ شرڪت جي خواهشمند پاڪستاني شوقينن جي ويزائن لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون.
ذريعن موجب، پي سي بي پاڪستاني صحافين، شوقينن ۽ ايڪريڊيشن ڪارڊ رکندڙ جي ويزائن لاءِ امريٽس ڪرڪيٽ بورڊ ۽ يو اي اي اختيارين سان رابطو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي گڏيل عرب امارتن جي اختيارين طرفان ويزائون وقت سر جاري ڪرڻ لاءِ پراميد آهي.
واضح رهي ته پاڪ-ڀارت ميچ جي ٽڪيٽ حاصل ڪندڙ شوقينن پنهنجي ويزا جي حاصلات لاءِ پي سي بي سان رابطو ڪيو هو.
ياد رهي ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪ-ڀارت ٽاڪرو 23 فيبروري تي دبئي ۾ ٿيندو جنهن جون سموريون ٽڪيٽون وڪرو ٿي چڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.