اسلام آباد( بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ميمبر قومي اسيمبلي آغا رفيع الله چيو آهي ته بنگالين جا شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ سبب شاگردن کي مسئلو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران آغا رفيع الله چيو ته يا ته بنگالين کي سمنڊ ۾ اڇلايو يا مسئلو حل ڪيو وڃي. هن اسپيڪر کان بنگالين کي شناختي ڪارڊ جي معاملي تي حڪم نامو گهريو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسپيشل سيڪريٽري گهرو کي معاملو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته سڌ سماءَ واري وزير عطا تارڙ معاملي تي خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز ڏني. قومي اسيمبلي ۾ سول ڪورٽس ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو. اپوزيشن بل جي مخالفت ڪئي پر اپوزيشن جي شور ۽ نعريبازي دوران ٻيا به ڪيترائي بل منظور ڪيا ويا. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف بل پيش ڪيا ويا، قومي اسيمبلي ۾ سول سرونٽ ترميمي بل 2025 پيش ڪيو ويو، وزيراعظم نذير تارڙ بل پيش ڪيو.