سڙيل اخروٽ جَي فائدن جِي خبر آ؟ بس هڪ ڀيرو استعمال ڪري ڏسو!

اڻ ڇليل اکروٽ کي سڄو ٽانڊن ۾ وجهي پوري رکو، جنهن وقت اکروٽ مڪمل طور تي سڙي ڪارو ٿي وڃي ته انکي باهه مان ڪڍو.

اکروٽ کي ٿورو ٿڌو ڪرڻ لاءِ رکو ۽ پوءِ انکي ڪنهن حمام دستي ۾ پيهي پائوڊر ٺاهي وٺو، پائوڊر ايترو سنهو ڪيو جو ڪنهن سَنهي ڪپڙي مان ڇَڻي سگهي.

انکانپوءِ هڪ چمچو ان اکروٽ واري پائوڊر ۾ هڪ چمچو ناريل جو تيل ملايو.

توهان ڏسندا ته هڪ بهترين پيسٽ تيار ٿي ويندي، جنهن کي توهان جسم جي ڪنهن به حصي تي لڳائي سگهو ٿا.

سڙيل اکروٽ ۽ ناريل جي تيل واري اها پيسٽ جسم جي اڇي داغن تي لڳائڻ سان ٿوري ئي ڏينهن ۾ داغ ختم ٿي ويندا آهن.

اها پيسٽ چهري تي لڳائڻ سان چهرو خوبصورت ٿيندو آهي ۽ چمڙيءَ جي صحت بهتر ٿئي ٿي.

ان پيسٽ لڳائڻ سان منهن تان موهيڙا، ڪارا چُٽا ۽ کڏا ختم ٿي ويندا آهن.

پراڻي دور ۾ ان سڙيل اکروٽ جي خاڪ کي ڏندن جي صفائي ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو هو، جيڪو نه رڳو ڏندن جي چمڪ ۽ صفائي لاءِ بهترين ثابت ٿيندو آهي پر ان سان هوڙن، مهارن ۽ ڏندن جي صحت به بهتر ٿئي ٿي، ڏندن کي ماڪوڙي يا ڪو جيت ناهي لڳندو.

سڙيل اکروٽ ۽ ناريل واري پيسٽ قدرتي ٽوٿ پيسٽ ثابت ٿيندي.

سڙيل اکروٽ ۽ ناريل جو تيل مٿي ۾ وجهجي ته ڇڻندڙ وار روڪي سگهجن ٿا. ان سان وار مضبوط ۽ چمڪندڙ ٿيڻ سان گڏ گنجائپ جو مسئلو به حل ٿيندو آهي.

اها پيسٽ مٿي مان خشڪي ختم ڪرڻ لاءِ به تمام بهترين ثابت ٿيندي آهي.

سڙيل اکروٽ ۽ ناريل جو تيل ڪٽيل زخم لاءِ به فائديمند ثابت ٿيندو آهي، زخم تي اها پيسٽ لڳائڻ سان زخم جلدي ڀرجي ويندا آهن.

سڙيل اکروٽ ۽ ناريل جو تيل ملائي ننڍي ٻارن جي مٿي ۾ وجهجي ته جوئان ختم ٿي وينديون آهن.

سڙيل اکروٽ ۽ ناريل جي تيل جو گڏيل استعمال ڏندن جي صحت، جسم جي چمڙي توڙي خوبصورتي ، فيشل ماسڪ، ڪٽيل زخمن جي دوا سميت مختلف فائدن وارو هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.