بواسير ۽ سهڪو! ٻه مسئلا ٻه سولا حَل

قدرت هر شيءَ ۾ فائدا رکيا آهن، جديد دور ۾ بواسير جو علاج ته آپريشن ئي سمجهيو ويندو آهي پر آڳاٽي زماني ۾ ان مرض کي مختلف طريقن تي عمل ڪري ختم ڪيو ويندو هو.

هونئن به ڪيميڪل واري دوائن ذريعي علاج ۽ قدرتي طريقي سان علاج ۾ فرق هوندو آهي، سبزين ۽ ميون ۾ صحت جا مختلف فائدا هوندا آهن، انڪري انهن جو جيترو استعمال ڪبو اوترائي فائدا ماڻي سگهبا.

اڄ اسان اوهان کي بواسير ۽ ساهه جي مسئلن کان بچڻ جا ٻه اهڙا طريقا ٻڌائينداسين جيڪڏهن توهان انهن تي عمل ڪندا ته توهان کي انهن ٻنهي مسئلن مان ڇوٽڪارو ماڻڻ لاءِ وڏي مدد ملي سگهي ٿي.

بواسير جي مريضن لاءِ موري جو استعمال تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيندو آهي، موري نيراني توڙي منجهندي جي وقت کائي سگهجي ٿي، جڏهن ته موري جي پنن جي ڀاڄي ٺاهي به انهن کي استعمال ڪجي ته بواسير جي مرض مان ڇوٽڪارو ماڻي سگهجي ٿو.

ان سان گڏ ساهه منجهڻ توڙي ساهه جي مسئلن جو شڪار ماڻهن کي رڳو هفتي ۾ هڪ ڀيرو وڏو ڦوٽو چٻاڙي چٻاڙي کائڻ گهرجي، ان سان پيٽ جي مسئلن سميت سهڪي جو به علاج ٿي ويندو.

موري ۽ وڏو ڦوٽو کائڻ جا صحت لاءِ ڪي خطرناڪ نقصان ناهن هوندا، انڪري انهن تي عمل ڪري صحت تي ٻين مسئلن کان بچي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.