شير افضل کي پي ٽي آءِ مان نيڪالي، پارلياماني پارٽي ميمبرن وڏو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جي پارلياماني پارٽي شير افضل مروت کي پارٽي مان نيڪالي ڏيڻ واري فيصلي جو ٻيهر جائزو وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ شير افضل مروت، زرتاج گل، بئريسٽر گوهر، جنيد اڪبر ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب، شير افضل مروت پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ جذباتي ٿي ويو ۽ چيو ته کيس ٻڌايو وڃي ته هن کي ڇو ڪڍيو ويو؟
ذريعن جو چوڻ آهي ته پارلياماني ميمبرن شير افضل جي پارٽي مان نيڪالي واري فيصلي جو ٻيهر جائزو وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.