ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪڪر وسي پيا.
صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ، برنس روڊ، ٽاور سميت ڀرپاسي وارن علائقن۾ بوندا باندي ٿي.
واضح رهي ته موسميات کاتي موجب، طاقتور اولهندي هوائن جو سسٽم اڄ کان 22 فيبروري تائين ملڪ تي اثراانداز رهندو جنهن تحت ڪيئي علائقن ۾ برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي.
موسمياتي تجزيي نگارن موجب، پاڪستان جي 70 کان 80 سيڪڙو اترين علائقن کي به اِهو سسٽم متاثر ڪري سگهي ٿو، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير تي به سسٽم اثرنداز ٿيندو، سسٽم سبب جابلو علائقن ۾ برفباري ۽ مختلف جاين تي تيز برسات جو امڪان آهي.
تجزيي نگارن موجب، اسلام آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به برساتن جا ٻه کان ٽي اسپيل اچي سگهن ٿا جڏهن ته ڪراچي واسين کي اولهندي هوائن سبب خشڪ ۽ گهميل موسم کان ڇوٽڪارو ملندو،
موسمياتي تجزيي نگارن اڳڪٿي ڪئي آهي ته ان سسٽم تحت، سکر، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ به بوندا باندي يا هلڪي برسات ٿي سگهي ٿي پر ڪراچي ۾ سسٽم تحت برسات جو ڪو امڪان نه آهي.