جيئن صحت جا مسئلا اڻ کٽندڙ آهن اهڙي ئي ريت انهن مسئلن سان منهن ڏيڻ جا ڪيترائي طريقا به موجود آهن، انسان جڏهن کان وجود ۾ آيو آهي تڏهن کان وٺي تڪليفون ۽ اهنج به ساڻس گڏ آيل آهن، ساڳئي ئي جاءِ تي هر دور جا ماڻهو هر تڪليف مان جند ڇڏائڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي حساب سان مختلف طريقا اختيار ڪندا رهيا آهن.
دنيا ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندي پئي وڃي جنهن سبب مختلف مرضن جي علاج توڙي مسئلن جي حل جا نت نوان طريقا ۽ اصول ايندا پيا وڃن تنهن باوجود به ڪيترائي ملڪ، علائقا توڙي قبيلا اهڙا پڻ موجود آهن جيڪي علاج جي قديمي اصولن تي عمل ڪندا رهن ٿا جن مطابق انهن جا اهي اصول يا طريقا جديد دور جي علاج واري قسم کان وڌيڪ سولا ۽ فائديمند آهن. انهن مان ڪيترن ئي جي فائدن طريقن کي جديد سائنس به قبول ڪري چُڪي آهي ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي تائيد پڻ ڪئي وڃي ٿي.
اهڙي ئي حوالي سان اڄ اسان اوهانکي هڪ اهڙي معمولي پر اهم عمل بابت ٻڌائينداسين جيڪو مائگرين يا اڌ مٿي جي سور ۽ هاءِ بلڊ پريشر لاءِ تمام بهترين ثابت ٿي سگهي ٿو.
صحت جا ڀارتي ماهر ان سولي عمل کي عام طور تي استعمال ڪرڻ سان گڏ پنهنجي پيروڪارن کي به ٻڌائيندا رهندا آهن.
جڏهن ته ڄاڻايل عمل دماغي مسئلن جهڙوڪ انزائٽي توڙي ڊپريشن لاءِ انتهائي فائديمند ثابت ٿيندو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اڌ مٿي جي سور مان جند ڇڏائڻ لاءِ نَڪ جي ساڄي ناليءَ کي بند ڪري نَڪ جي کاٻي ناليءَ سان ساهه کڻو.
صحت جي هڪ ماهر جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن لڳاتار ٻن منٽن تائين نَڪ جي ساڄي پاسي واري نالي بند ڪري کاٻي پاسي واري نالي مان ساهه کنيو ويو ته عام طور تي ٿيندڙ مٿي جو سور فوري طور تي ختم ٿي ويندو. ٽن منٽن تائين لڳاتار ساهه کڻندئو ته مائگرين ختم ٿي ويندو. اهڙي ئي ريت جيڪڏهن نڪ جي هڪ پر کاٻي پاسي کان پنج منٽن تائين ساهه کنيو وڃي ته اهو هاءِ بلڊ پريشر کي به فوري طور تي نارمل ڪري ڇڏيندو.